هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي پاران شيڊول ۽ ايجنڊا جي منظوري

هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي پاران شيڊول ۽ ايجنڊا جي منظوري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي قومي اسيمبلي جي 39 هين سيشن جي شيڊول ۽ ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب قومي اسيمبلي جو هلندڙ سيشن 7 فيبروري تائين جاري رهندو. خميس ڏينهن ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن زاهد حامد، چوڌري محمد برجيس طاهر، ميان رياض حسين پيرزاده، شيخ آفتاب احمد، مملڪتي وزير انجنيئر ڄام ڪمال، قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمد اشرف، سيد نويد قمر، ڊاڪٽر شيرين مزاري، غلام سروس خان، اقبال محمد علي خان، شيخ صلاح الدين، حاجي شاهه جي گل آفريدي، صاحبزاده طارق الله ۽ چوڌري طارق بشير چيمه شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان طئي ٿيو ته قومي اسيمبلي جو 39هون سيشن 7 فيبروري تائين جاري رهندو جنهن ۾ سوالن واري وقفي ۽ قانونسازي سميت ايوان جي معمول جي ڪارروائي ۽ اهم قومي معاملا غور هيٺ آندا ويندا. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 17:14