خطاطي جو فن اسلامي ملڪن جي اتحاد جو وسيلو بڻيل آهي: عرفان صديقي

خطاطي جو فن اسلامي ملڪن جي اتحاد جو وسيلو بڻيل آهي: عرفان صديقي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ته خطاطي جو فن اسلامي ملڪن جي اتحاد جو وسيلو بڻيل آهي، ان عظيم اسلامي فن جي فروغ لاءِ اسلامي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن سان حصيداري جي خواهشمند آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي ملڪن ۾ تعاون جي تنظيم (او آءِ سي) جي اسلامي تاريخ، آرٽ ۽ ڪلچر جي فروغ جي اداري (آئي آر سي آئي سي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل خالد ايرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار سان ملاقات ڪئي. عرفان صديقي ترڪي مان آيل ڊاڪٽر خالد ايرن جي قومي خطاطي نمائش ۾ اچڻ جي آجيان ڪندي چيو ته سندس اچڻ سان قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ۽ آءِ آر سي آءِ سي اي ۾ خطاطي سميت اسلامي فنون ۽ ڪلچر جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ملندو. ڊاڪٽر خالد ايرن قومي خطاطي نمائش منعقد ڪرڻ تي وزيراعظم جي صلاحڪار کي مبارڪباد ڏني ۽ خطاطي جهڙي اسلامي فن جي واڌويجهه لاءِ سندس وزارت جي قدمن کي ساراهيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:26