عمران خان جا ڏينهن ۽ رات الزام هڻڻ ۾ گذري وڃن ٿا: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

عمران خان جا ڏينهن ۽ رات الزام هڻڻ ۾ گذري وڃن ٿا: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جا ڏينهن ۽ رات الزام هڻڻ ۾ گذري وڃن ٿا، اڄ به عمران خان عدالتي ڪارروائي ڇڏي ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ عدالت ٻاهران آيو، عمران خان جي پٽيشن ۾ مريم نواز جو ڪٿي ذڪر ئي نه آهي، الزام هڻي معافي وٺڻ عمران خان جي عادت بڻجي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ به جلد عمران خان معافي وٺندو. ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته عمران خان صبح ۽ شام ڪوڙا الزام هڻي مريم نواز کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان جي جمع ڪرايل ڪاغذن تي تحريڪ انصاف ڪي جوابي دستاويز جمع ناهن ڪرايا. هن چيو ته هو عمران خان کي مبارڪباد ڏي ٿي ته ملتان ۾ به وزيراعظم محمد نواز شريف ميٽرو بس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان کي ترقي ۽ اڳيان وٺي وڃڻ جي ڊوڙ ۾ لڳل آهي جڏهن ته عمران خان پاناما ليڪس جي نالي تي رڳو سياست ڪري رهيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ نه ته ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ نه ئي ڏيکاريندو ڇو ته ان ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي صلاحيت ئي موجود نه آهي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان عدالت ۾ ٻڌڻي ختم ٿيڻ کان 15 منٽ اڳ سپريم ڪورٽ ٻاهران اچي ڪوڙ ڳالهايو آهي ڇو ته اها سندس عادت آهي، هن اها ئي ڳالهه ڪئي آهي جنهن جو هن ڪورٽ ۾ ذڪر ئي ناهي ڪيو، عمران خان صبح شام مريم نواز شريف تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هڻي ٿو، ڪڏهن ڪنٽينر تي چڙهي وڃي ٿو ته ڪڏهن رستن تي لاڪ ڊائون ڪري ٿو پر اڄ جڏهن مريم نواز شريف جي وڪيل پنهنجا دليل شروع ڪيا ته سمورن ٽي وي چينلز جي اسڪرين تي ٽڪر هليا ته عمران خان صاحب جي عدالت ۾ داخل ڪيل پٽيشن ۾ مريم نواز شريف جو ذڪر ئي موجود نه آهي، اهڙي طرح ٻين ٻن پٽيشنن ۾ مريم نواز شريف جو ڪو ذڪر نه آهي ڇو ته وٽس مريم نواز جي خلاف ڪا دستاويز نه آهن جو اسان جي جمع ڪرايل دستاويزن کي چئلينج ڪري سگهي. مملڪتي وزير چيو ته جيڪو ڪيس ڪورٽ جي اندر وڙهيو پيو وڃي ان جي عمران خان کي عادت نه آهي، اهڙي طرح جا ڪوڙا دستاويز اليڪشن ڪميشن ۾ به جمع ڪرايا ويا هئا جنهن تي هن بعد ۾ معافي به ورتي هئي، معافي جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي ۽ کيس ٻيهر به پنهنجي ڪوڙن الزامن تي معافي وٺڻي پوندي. هن چيو ته اڄ جڏهن ٻڌڻي دوران دليل شروع ٿيا ته اسان جي وڪيلن پنهنجي دليلن ۾ اها ڳالهه ثابت ڪئي ته داخل ڪيل درخواستن ۾ مريم نواز شريف جو نالو ئي نه آهي، جيڪڏهن عمران خان وٽ سچائي تي ٻڌل ڪي دستاويز موجود آهن جيڪي اسان جي دستاويزن کي چئلينج ڪري سگهن اهي ڪورٽ ۾ جمع ڇو نه ٿو ڪرائي، خان صاحب توهان ان لاءِ دستاويز جمع نه ٿا ڪرايو ڇو ته توهان پاناما ليڪس جي نالي تي رڳو سياست ڪري رهيا آهيو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم مان ڪاميابي سان واپس موٽيو آهي جتي دنيا جي سمورن ناليوارن اقتصادي اڳواڻن ۽ ماهرن پاڪستان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي، اڄ ملڪ واپس پهچندي ئي وزيراعظم ملتان ۾ به ميٽرو بس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي هو پوري قوم خاص طور تي عمران خان صاحب کي به مبارڪباد پيش ڪري ٿي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:31