سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي بلوچستان صوبي جي آفيسرن بابت 8 ڊسمبر 2015ع جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ يا چئني صوبن ۾ هڪ جهڙو لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪندي پنجاب جي چيف سيڪريٽري کان 15 ڏينهن ۾ چراهه ڊيم جي معاملي تي انڪوائري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر طلحيٰ محمود جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهي جي بلوچستان سان تعلق رکندڙ گريڊ 20 ۽ 21 جي آفيسرن جي بلوچستان ۾ 10 سال سروس بابت نوٽيفڪيشن، سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي جي چراهه ڊيم جي تعمير، سينيٽر فرحت الله بابر جي ايريا اسٽڊي سينٽر، سينيٽر سردار محمد اعظم خان موسيٰ خيل جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي ترميمي بل 2016ع، سينيٽر نعمان وزير خٽڪ جي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جي معاملن کانسواءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينيٽ ۽ سينڊيڪٽ ۾ سينٽرن جي نالن جي منظوري جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهي جي بلوچستان سان تعلق رکندڙ آفيسرن بابت نوٽيفڪيشن جي معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ميمبرن پاليسي کي ختم ڪرڻ يا سمورن صوبن ۾ هڪ جهڙي پاليسي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ايڊيشنل سيڪريٽري معروف افضل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته اها پاليسي بلوچستان ۾ آفيسرن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اختيار ڪئي وئي هئي. ٻين صوبن جي آفيسرن کي به بلوچستان موڪليو وڃي ٿو، آفيسرن جي ترقي نه ٿي ٿئي جيستائين هو ٻئي صوبي ۾ مخصوص مدي تائين سروس مڪمل نه ٿا ڪن، جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اهڙي پاليسي اختيار ڪئي وڃي جنهن تحت نه رڳو بلوچستان جي پسماندگي ختم ٿي سگهي پر صوبي ۽ ملڪ جو به فائدو ٿئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چراهه ڊيم جي معاملي جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن سي ڊي اي ان منصوبي تي پاڻ ئي عمل ڪري ها ته اهو منصوبو نه رڳو هيستائين مڪمل ٿي وڃي ها پر قومي ناڻي کي به فائدو ٿئي ها. سمال ڊيم عملدارن چيو ته ڊيم جي جاءِ هڪ لک رپيا ڪينال هئي، هاڻي ان ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي جنهن سبب منصوبو ڪيترائي ڀيرا مهانگو ٿي ويو آهي. پنجاب حڪومت جي چيف انجنيئر آبپاشي ڪميٽي کي ٻڌايو ته منصوبي جي لاڳت ۾ اضافي سبب پنجاب حڪومت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ان منصوبي کي مڪمل به ڪيو وڃي يا ڇڏيو وڃي جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته سي ڊي اي اسلام آباد جي لاءِ پاڻي جو انتظام ڪرڻ جي حوالي سان 6 هفتن ۾ رپورٽ تيار ڪري ڪميٽي کي فراهم ڪري ۽ ايندڙ اجلاس ۾ متبادل پاڻي ذريعن بابت تفصيلي جائزو ورتو ويندو جن ماڻهن ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پنجاب جو چيف سيڪريٽري 15 ڪم وارن ڏينهن ۾ انڪوائري ڪري رپورٽ ڏي. سينيٽر نعمان وزير خٽڪ چيو ته اسلام آباد ۾ واٽر ميٽر هنيا وڃن ۽ ان حساب سان بل ورتا وڃن. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سردار محمد اعظم خان موسيٰ خيل جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي ترميمي بل 2016ع جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. قانون واري وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته قانون واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ وزيراعظم آفيس پاران موڪليل سمري جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي ۽ سمورين ڌرين ڏانهن موڪلي ٻن هفتن ۾ راءِ طلب ڪئي آهي. ڪميٽي کي ٽن هفتن تائين آگاهه ڪيو ويندو. اسٽينڊنگ ڪميٽي سينيٽر نعمان وزير خٽڪ جي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جي معاملي جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته 7 اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ چئن جون درخواستون آيون آهن. اسٽينڊنگ ڪميٽي ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينيٽ ۽ سينڊيڪٽ ۾ سينيٽرن جي نالن جي منظوري جي معاملن کي ملتوي ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر هدايت الله، مير محمد يوسف باديني، ڪلثوم پروين، نجمه حميد، مير ڪبير محمد احمد شاهي، فرحت الله بابر، سردار محمد اعظم خان موسيٰ خيل، نعمان وزير خٽڪ کانسواءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ايڊيشنل سيڪريٽري، ڪيڊ واري ايڊيشنل سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري، قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، پنجاب حڪومت جي آبپاشي واري وزارت جي چيف انجنيئر، ايڪس اي اين سمال ڊيم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:44