ماضي ۾ ڌيان نه ڏيڻ جي ڪري ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن نه ٿي سگهيو: صدر ممنون حسين

ماضي ۾ ڌيان نه ڏيڻ جي ڪري ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن نه ٿي سگهيو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته گذريل ڪجهه دورن ۾ ڪنهن وڏي منصوبي تي ڪم ناهي ٿيو جنهن سبب عوام کي ڪي خاطر خواهه سهولتون نه ملي سگهيون ۽ پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن نه ٿي سگهيو، تعليم جي بهتري ۽ ان جي جديد اصولن تي هموار ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي، پاڪستان جي تعليم جي نظام کي جديد کان جديد تر بنائڻ سان گڏ قومي مقصدن سان هم آهنگ به رکيو وڃي. صدر اها ڳالهه اڱاري ڏينهن هتي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ انٽر بورڊ چيئرمين ڪميٽي (آءِ بي سي سي) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ امتحاني نظام بابت قومي ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي چئي جنهن ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سيڪريٽري راجا محمد نادر علي، سيڪريٽري، انٽر بورڊ ڪميٽي آف چيئرمين محمد رمضان اچڪزئي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهد صديقي کانسواءِ معزز مهمانن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته توانائي جي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ 2018ع تائين توانائي جي بحران جو خاتمو ٿي ويندو، اقتصادي راهداري نوان امڪان پيدا ڪيا آهن، هن چيو ته سي پيڪ جي صورت ۾ پاڪستان جو روشن مستقبل اسان جو دروازو کڙڪائي رهيو رهيو آهي جنهن مان اسان کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي ۽ ان منقصد جي لاءِ شاگردن کي پنهنجو پاڻ کي تيار رکڻ گهرجي. صدر چيو ته ڪرپشن سڀ کان وڏو ناسور آهي جنهن جي خاتمي لاءِ سموري معاشري کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ماضي جي ڪمزور پاليسين سبب صحت ۽ تعليم جو شعبو بري طرح متاثر ٿيو هاڻي جنهن تي ڀرپور ڌيان ڏنو پيو وڃي، صدر چيو ته هر ماڻهو پنهنجي حصي جي ذميداري نڀائي ته پاڪستان خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي هلي سگهي ٿو، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان خطي جي سڀ کان اهم ملڪ هوندو، سي پيڪ سان وچ ايشيائي ملڪ ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا، صدر چيو ته ماضي ۾ استادن پنهنجي شعبي سان سچا هئا ۽ ٻارن کي تربيت جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا هئا پر هاڻي ان جي کوٽ لڳي رهي آهي ۽ استادن کي پنهنجي شعبي ۽ ٻارن سان ڪمٽمنٽ نظر نٿو اچي. هن چيو ته امتحاني نظام ۽ تعليمي طريقيڪار ۾ بهتري جي لاءِ فڪر ۽ غور پنهنجي جڳهه آهي ۽ ان سان بهتري جون نيون راهون کلنديون آهن پر روايتي امتحاني نظام جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي به سخت ضرورت آهي، صدر چيو ته هر سال امتحاني نتيجن جي موقعي تي اسان جا ٻار بي چين ٿي رستن تي نڪري ايندا آهن ۽ ميڊيا ان قسم جون خبرون سامهون آڻيندي آهي ته نتيجا تبديل ڪيا ويا، پرچن جي مارڪنگ معياري نه هئي يا ٻارن کي رول نمبر سلپ ۽ ٻيا دستاويز وقت سر نه ملي سگهيا اسان ڏسون ٿا ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهڙي طرح جي شڪايتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن سان شاگردن جي بي چيني وڌي رهي آهي. اهڙي طرح جي صورتحال ۾ جيڪڏهن جلد بهتري پيدا نه ڪئي وڃي ته شاگردن جي مايوسي صرف تعليم ۽ امتحاني نظام تائين ئي محدود نٿي رهي پر ان جي قومي زندگي تي به انتهائي خراب اثر پوندا آهن. صدر چيو ته امتحاني نظام جي بهتري جي لاءِ نوان طريقيڪار سوچيا وڃن ۽ ٻاهرين دنيا جي تجربن مان رهنمائي حاصل ڪئي وڃي، هن چيو ته سکڻ جو عمل به جاري رکيو وڃي پر ان سان گڏوگڏ موجوده نظام جي ڪارڪردگي تي به ڪڙي نظر رکي وڃي، گذريل ڪجهه ڏهاڪن جي دوران امتحاني نظام جا ڪيترائي طريقا سامهون اچي چڪا آهن ۽ پاڪستان ۾ به ان سلسلي ۾ دائري جي اندر رهندي ڪيترائي نوان تجربا ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ يقينن بهتري به پيدا ٿي آهي، صدر چيو ته تعليم جو مقصد نئين نسل جي اهڙي تربيت آهي جنهن جي مدد سان هو بهترين صلاحيتن سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن. هن چيو ته دنيا جي انهن ئي قومن ترقي ڪئي جنهن پنهنجي ٻارن کي تربيت ۾ پنهنجي قومي مقصدن کي سامهون رکيو، صدر چيو ته معاشرا غير ملڪي ثقافتي ۽ سياسي يلغار جي سامهون بي وس ٿي ويندا آهن ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان جي تعليمي نظام کي جديد کان جديد بڻائڻ سان گڏ قومي مقصدن سان هم آهنگ به رکيو وڃي، ان موقعي تي صدر چيو ته تعليم واري مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان جي قيادت ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا تعليم جي بهتري جي لاءِ پنهنجون تجويزون حڪومت کي ڏيندي. هن چيو ته تعليم جي بهتري ۽ ان کي جديد اصولن تي هموار ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي جنهن ۾ حصو وٺي توهان پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهترين تعليم ۽ تربيت جو ذريعو بڻجي وڃو. اي پي پي/ش – چ/ر – م 16:31