ميٽرو بس منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ مخدوم جاويد هاشمي شرڪت

ميٽرو بس منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ مخدوم جاويد هاشمي شرڪت

ملتان (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) ملتان ۾ ميٽرو بس منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ بزرگ سياستدان مخدوم جاويد هاشمي شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پنهنجي تقريرن ۾ مخدوم جاويد هاسمي جو خصوصي ذڪر ڪندي تقريب ۾ شرڪت تي سندس ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته جڏهن هن اسلام آباد کان لاهور موٽر وي جو افتتاح ڪيو هو ته مخدوم جاويد هاشمي به ان سفر ۾ ساڻس گڏ هو، ان کانسواءِ تقريب ۾ تهمينه دولتانه، سڪندر حيات بوسڻ، جاويد علي شاهه سميت قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر، ميئر ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ملتان نويد آرائين، شهر جي چڱن مڙسن ۽ اعليٰ عملدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 15:57