2008ع جي مقابلي ۾ 2013ع جي عام چونڊن ۾ خرچن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيوآهي: ميان رياض حسين پيرزاده

2008ع جي مقابلي ۾ 2013ع جي عام چونڊن ۾ خرچن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيوآهي: ميان رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته 2008ع جي مقابلي ۾ 2013ع جي عام چونڊن ۾ خرچن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، سڀني خرچن جي آڊٽ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي. اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان ۽ سينيٽر اعظم سواتي جي سوالن جي جواب ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ايوان کي ٻڌايو ته 2008ع جي مقابلي ۾ 2013ع جي عام چونڊن ۾ خرچن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، هن چيو ته سڀني خرچن جي آڊٽ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد ادارو آهي ان جي آڊٽ جو پنهنجو نظام آهي، ان جا تفصيل طلب ڪري سگهجن ٿا. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:57