ادارن ۾ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي مقرري ڪو غلط قدم نه آهي: ميان رياض حسين پيرزاده

ادارن ۾ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي مقرري ڪو غلط قدم نه آهي: ميان رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته هائوسنگ واري وزارت ۾ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو تعداد 10، اسٽيٽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙن جو انگ 11 آهي، ڊيپوٽيشن تي ڪنهن ٻي اداري ۾ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي مقرري ڪو غلط قدم نه آهي، اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪلثوم پروين اعظم سواتي ۽ سينيٽر سراج الحق جي سوالن جي جواب ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ايوان کي ٻڌايو ته هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت ۾ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو تعداد 10 ۽ اسٽيٽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙن جو تعداد 11 آهي، ڊيپوٽيشن تي ڪنهن ٻي اداري ۾ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي مقرري ڪو به غلط قدم نه آهي. هن چيو ته ملازمن کي جتي مالي مفاد نظر ايندو ان کاتي ۾ ويندا، پر حڪومت جيڪڏهن ڊيپوٽيشن تي پابندي لڳائي ڇڏي ته پوءِ ڪو به ملازم ٻي اداري ۾ نٿو وڃي سگهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:55