پي ايس او جو گردشي قرض 146 ارب 60 ڪروڙ روپيا آهي: شاهد خاقان عباسي

پي ايس او جو گردشي قرض 146 ارب 60 ڪروڙ روپيا آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پي ايس او جو گردشي قرض 146 ارب 60 ڪروڙ روپيا آهي، حڪومت ڪوشش ڪئي آهي ته گردشي قرض ۾ گهٽتائي آندي وڃي، گذريل ڏيڍ سال ۾ ان ۾ اضافو ناهي ٿيو. اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر تنوير خان، الياس احمد بلور ۽ رحمان ملڪ جي سوالن جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ايوان کي ٻڌايو ته هن وقت پي ايس او جو گردشي قرض 146 ارب 60 ڪروڙ روپيا آهي، جنهن مان حڪومت ڏانهن 9 ارب 60 ڪروڙ روپيا، جڏهن ته واپڊا، پيپڪو، حبڪو ۽ ڪيپڪو جي ذمي 555 ارب روپين جا ڪليمز آهن، هن چيو ته گردشي قرض جيڪو جنوري 2015ع جي آغاز تي 181 ارب روپيا هو جيڪو هاڻي گهٽ ٿي 146 ارب روپين تي اچي ويو آهي. هن چيو ته حڪومت ڪوشش ڪئي آهي ته گردشي قرض ۾ گهٽتائي آندي وڃي، گذريل ڏيڍ سال ۾ ان ۾ اضافو نه ڪرڻ ڏنو ويو، هن چيو ته حڪومت جنوري 2015ع ۾ بجلي جي شعبي کي 40 ارب فراهم ڪيا، 7 فيبروري 2015ع کان 20 جولاءِ 2016ع جي وچ ۾ پي ايس او پاران بجلي جي شعبي کي 308 ارب روپين مان 293 ارب روپين جي ادائيگي ڪئي وئي آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:00