اسان جون دليون والاريل ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪن ٿيون: محمد نواز شريف

اسان جون دليون والاريل ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪن ٿيون: محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪشميرين جي خودمختياري لاءِ پاڪستان جي اخلاقي ۽ سفارتي سطح تي تائيد ۽ حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسان جون دليون والاريل ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪن ٿيون ۽ اسان انهن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺا آهيون، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي هڪ نامڪمل ايجنڊا آهي، ڪشميرين جي خودمختياري وارو حق گڏيل قومن جي قرارداد موجب انهن جو بنيادي حق آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ڀائرن جي ان حق کي عالمي سطح جي هر فورم تي اٿاريندو، آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل حڪومت کي ادارن جي مضبوطي، شفاف ۽ ڪرپشن کان پاڪ ميرٽ تي ٻڌل حڪمراني وارو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي. جنهن جي لاءِ هتي ايماندار ۽ قابل ڪابينا جوڙڻ ضروري آهي ته جيئن ڪشمير جي تاريخ ۾ اسان جي ان حڪومت جو دور ”ترقياتي دور“ جي حيثيت سان ياد رکيو وڃي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نون چونڊيل قانون ساز اسيمبلي جي ميمبرن سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي، جنهن ۾ ڪامياب ٿيل ڪشميري پارليامينٽرين، سينيٽ ۾ قائدايوان راجا محمد ظفر الحق، دفاع واري وزير خواجه محمد آصف، ناڻي واري وزير محمد اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير پرويز رشيد، ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزير محمد برجيس طاهر ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي شرڪت ڪئي. وزيراعظم سڀني نون چونڊيل ميمبرن کي آزاد ڄمون ڪشمير جي عام چونڊن ۾ نمايان ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چونڊن ۾ انهن جي محنت ۽ سياسي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم چيو ته جنهن جذبي سان انهن چونڊ مهم هلائي اها واکاڻ جوڳي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ميمبرن کي چيو ته اها انهن جي خوش قسمتي آهي جو هو ڪشمير جي آزاد هوائن ۾ زندگي گذارين ٿا، هن چيو ته اسان جون دليون آزاد ڪشمير جي ڀائرن سان گڏ ڌڙڪن ٿيون ۽ اسان انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جو هڪ نامڪمل ايجنڊا آهي ۽ پاڪستان اخلاقي ۽ سفارتي سطح تي هميشه والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي خودمختياري جي تائيد ۽ حمايت ڪندو رهندو، وزيراعظم چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري گڏيل قومن جي قراردادن موجب انهن جو بنيادي حق آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ڀائرن جي ان حق کي عالمي سطح جي هر فورم تي اٿاريندو. نواز شريف موجوده ميمبرن کي چيو ته انهن کي به ڏينهن رات انهي ڪاوش ۾ رهڻ گهرجي ته هو پنهنجي والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي هر طرح سان حمايت ۽ مدد ڪري سگهن. وزيراعظم انهن تي زور ڏنو ته ڪشمير جي نئين حڪومت کي ادارن جي مضبوطي، شفاف ۽ ڪرپشن کان پاڪ ميرٽ تي ٻڌل حڪمراني وارو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ ان جي لاءِ هڪ ايماندار ۽ قابل ڪابينا جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪشمير جي تاريخ ۾ اسان جي حڪومت جو دور ”ترقياتي دور“ جي حيثيت سان ياد رکيو وڃي، وزيراعظم چيو ته اسان جو مينڊيٽ حقيقت ۾ ترقي جو مينڊيٽ آهي ۽ ان جي خاطر اسان نئين حڪومت جي ڀرپور مدد ڪنداسين. هن چيو ته نئين حڪومت جي اولين ترجيح بنيادي ڍانچي جي تعمير، تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ هوندي، وزيراعظم ميمبرن کي چيو ته ڪشميري عوام کي پنهنجي طرز حڪومت ۾ هڪ مثبت تبديلي نمايان طور تي نظر اچڻ گهرجي. ان موقعي تي موجوده نون چونڊيل ميمبرن وزيراعظم نواز شريف جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشمير جي عوام کيس پنهنجو حقيقي اڳواڻ سمجهي ٿي ۽ حقيقت ۾ عام چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي وزيراعظم جي ترقياتي ايجنڊا جي تائيد ۽ احتجاجي سياست جي ترديد آهي. هنن چيو ته ڪشمير جي عوام جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اسان ان تي پورو لهنداسين ۽ بغير ڪنهن فرق جي ڪشميري ڀائرن جي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات وقف ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ جيڪو معيار رکيو ويو آهي ان کي آزاد ڪشمير ۾ به برقرار رکيو وڃي. آزاد ڪشمير ۾ تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ انهي تيزي ۽ توانائي سان ڪم ڪيو وڃي جنهن تيزي سان پاڪستان ۾ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گذريل پنجن سال ۾ آزاد ڪشمير ۾ ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪيو ويو، اسان جي حڪومت ڪشمير ۾ روڊن جو ڄار وڇائيندي ته جيئن آمدرفت آسان ٿئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:33