اسلام آباد ۾ ڇوڪرين کي ديني تعليم جي فراهمي لاءِ هڪ ماڊل ديني مدرسو2002ع کان ڪم ڪري رهيو آهي: سردار محمد يوسف

اسلام آباد ۾ ڇوڪرين کي ديني تعليم جي فراهمي لاءِ هڪ ماڊل ديني مدرسو2002ع کان ڪم ڪري رهيو آهي: سردار محمد يوسف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڇوڪرين کي ديني تعليم جي فراهمي لاءِ هڪ ماڊل ديني مدرسو 2002ع کان ڪم ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به ديني مدرسا قائم ڪيا وڃن، اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان، اعظم سواتي جي سوالن جي جواب ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ايوان کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ڇوڪرين کي ديني تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ماڊل ديني مدرسو قائم ڪيو ويو جيڪو 2002ع کان ڪم ڪري رهيو آهي ان مدرسي ۾ 450 نياڻيون تعليم پرائي رهيو آهن، هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به ديني مدرسا قائم ڪيا وڃن، ڪنهن ٻي صوبي کان في الحال ان سلسلي ۾ تعاون جي ڪا درخواست موصول ناهي ٿي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:52