وڌيڪ بهتر نتيجن لاءِ آڊٽ جي انتطام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي:صدر ممنون حسين

وڌيڪ بهتر نتيجن لاءِ آڊٽ جي انتطام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي:صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) صدر ممنون حسين آڊيٽر جنرل جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته وڌيڪ بهتر نتيجن لاءِ آڊٽ جي انتطام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏنهن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان رانا اسد امين سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي آڊيٽر جنرل صدر کي پنهنجي سالياني رپورٽ پيش ڪئي، صدر چيو ته سرڪاري شعبن ۾ فنڊن جي شفافيت ۽ احتساب جي منصفاڻي نظام جي لاءِ آڊٽ جي نظام ۾ بهتري ضروري آهي، صدر آڊيٽر جنرل جي آفيس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته هن اربين روپين جي وصولي ڪئي آهي جيڪا خوش آئنده آهي. صدر چيو ته آڊٽ رپورٽن ۾ بي ضابطگين جي نشاندهي ۽ ان تي ڪارروائي سان ڪرپشن جي لعنت جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ آڊٽ جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، عوام جي پئسي جو منصفاڻو استعمال ۽ بي ضابطگين کي روڪڻ جي لاءِ آڊٽ عملدار جديد ذريعا استعمال ڪن ته جيئن ڪرپشن جو مڪمل خاتمو ٿي سگهي. آڊيٽر جنرل ان موقعي تي سالياني رپورٽ جي نمايان رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ ميرٽ جي پاليسي تي سختي سان عملدرآمد جاري آهي جنهن جا بهتر نتيجا نڪري رهيا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:21