سالياني ترقياتي پروگرام 16 -2015ع تحت وزارت جي 12 منصوبن جي لاءِ 9 ارب روپيا مختص ڪيا ويا: مير حاصل بزنجو

سالياني ترقياتي پروگرام 16 -2015ع تحت وزارت جي 12 منصوبن جي لاءِ 9 ارب روپيا مختص ڪيا ويا: مير حاصل بزنجو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) بندرگاهن ۽ جهاز راني واري وفاقي وزير مير حاصل بزنجو چيو آهي ته سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام 16 -2015ع تحت وزارت جي 12 منصوبن جي لاءِ 9 ارب روپيا مختص ڪيا ويا، ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر طلحه محمود جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان رقم مان 8 ارب 91 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن جڏهن ته 13 مئي 2016ع تي 8 ڪروڙ 12 لک روپيا ناڻي واري ڊويزن کي واپس ڪيا ويا آهن.اي پي پي/ص – ج/ر – م 17:52