حڪومت مختلف ملڪن سان واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: شيخ آفتاب احمد

حڪومت مختلف ملڪن سان واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته حڪومت مختلف ملڪن سان واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اميد آهي ته اسلام آباد، تهران، استنبول روڊ ريل راهداري کي فعال ڪيو ويندو. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر راحيله مگسي جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته حڪومت مختلف ملڪن سان واپار جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، مواصلات جي سهولت بهتر هجڻ سان واپار به وڌندو. هن چيو ته اسلام آباد، تهران، استنبول روڊ ريل راهداري کي فعال ڪيو ويو هو پر ڪجهه رڪاوٽن سبب ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي، انهن رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ اجلاس ۾ ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته ان راهداري کي جلد فعال ڪيو ويندو. اي پي پي/ص – ج/ر – م17:50