حڪومت پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ مڇيون جهلڻ جي لاءِ ڪو به لائسنس جاري ناهي ڪيو: سينيٽ کي آگاهي

حڪومت پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ مڇيون جهلڻ جي لاءِ ڪو به لائسنس جاري ناهي ڪيو: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ مڇيون جهلڻ جي لاءِ ڪو به لائسنس جاري ناهي ڪيو، ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران وفاقي وزير مير حاصل بزنجو ايوان کي ٻڌايو ته فشنگ پاليسي جي تياري جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، هن وقت تائين پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ مڇيون پڪڙڻ جي لاءِ ڪوئي لائسنس جاري ناهي ڪيو ويو ۽ اسان جي تجويز هوندي ته ملڪي ماهيگيرن جي مفاد جي تحفظ جي لاءِ اهڙو لائسنس جاري به نه ٿيڻ گهرجي. اي پي پي/ص – ج/ر – م 17:54