سينيٽ پاران عوامي نمائندگي ايڪٽ 1972ع ۾ ترميم جي رٿ منظور

سينيٽ پاران عوامي نمائندگي ايڪٽ 1972ع ۾ ترميم جي رٿ منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) سينيٽ عوامي نمائندگي ايڪٽ 1972ع ۾ ترميم جي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر شيري رحمان رٿ پيش ڪئي ته عوامي نمائندگي ايڪٽ 1972ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل عوامي نمائندگي (ترميمي) بل 2016ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غُر هيٺ آندو وڃي، قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ڏانهن ان بل کي موڪليو وڃي اتي ان جو جائزو وٺي سگهجي ٿو، شيري رحمان چيو ته عورتن جي حقن تي مصلحت ڪئي وڃي ٿي، چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ۾ ان بل تي مصلحت اختيار ڪري سگهجي ٿي، آئون پنهنجي بل کي غور هيٺ آڻڻ تي زور ڏينديس. قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته اهو بل پيراگراف جو بل آهي، اسان جو بل جامع آهي، جيڪڏهن اهو بل به ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته اتي ان کي غور هيٺ آڻي سگهجي ٿو، چيئرمين سينيٽر شيري رحمان جي اصرار ڪرڻ تي رٿ تي ايوان کان راءِ ورتي، سينيٽ رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، چيئرمين بل جي شقوار منظوري کانپوءِ بل حتمي منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان اڪثريت راءِ سان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:43