سينيٽ پاران نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (ترميمي) بل 2016ع اتفاق راءِ سان منظور

سينيٽ پاران نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (ترميمي) بل 2016ع اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) سينيٽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (ترميمي) بل 2016ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر فرحت الله بابر رٿ پيش ڪئي ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم جو بل نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (ترميمي) بل 2016ع اسٽينڊنگ ڪيمٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي، حڪومت بل جي مخالفت نه ڪئي، سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته اٿارٽي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هر ٽن مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اجلاس گهرائڻ ۽ بورڊ آف گورنرز جو اجلاس سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن دهشتگردي جي خاتمي جي اداري کي مضبوط بڻائي سگهجي. چيئرمين بل تي ايوان کان راءِ ورتي، سينيٽ رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل جي شقوار منظوري وٺڻ کانپوءِ بل حتمي منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:40