سينيٽ پاران ٽي قراردادون اتفاق راءِ سان منظور

سينيٽ پاران ٽي قراردادون اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) سينيٽ ٽن قراردادن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر طلحيٰ محمود قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان سفارش ڪري ٿو ته حڪومت ملڪ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي، حڪومت قرارداد جي مخالفت نه ڪئي، چيئرمين قرارداد تي ايوان کان راءِ ورتي، ايوان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، سينيٽر اعظم سواتي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان سفارش ڪري ٿو ته حڪومت ملڪ ۾ واپار ۽ واپار واري شعبي سان واڳيل سرگرمين بابت عورتن جي لاءِ ترجيحي سلوڪ جي لاءِ قانونسازي ڪري، واپار واري وزير انجنيئر خرم دستگير چيو ته هو هن قرارداد جي آجيان ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ان سلسلي ۾ تجويزون سامهون اچن ته جيئن وزارت انهن مان فائدو کڻي سگهي، حڪومت اڳ ۾ ئي عورتن کي ڀرپور موقعا فراهم ڪري رهي آهي. سينيٽر مير ڪبير احمد شاهي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان سفارش ڪري ٿو ته مختلف وزارتن، ڊويزنن ۽ وفاقي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعلق بلوچستان سان آهي، انهن جا ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس تصديق جي لاءِ بلوچستان جي لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪليا وڃن، حڪومت پاران قرارداد جي مخالفت نه ڪئي وئي، ايوان اتفاق راءِ سان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:46