سينيٽ پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2015ع منظور

سينيٽ پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2015ع منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) سينيٽ آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2015ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر سسئي پليجو رٿ پيش ڪئي ته آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2016ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته ان بل تي سڀ کان وڏو اعتراض اهو آهي ته ان ۾ اوگرا ۾ صوبن کي نمائندگي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، اها نمائندگي اهليت جي بنياد تي هجڻ گهرجي. بيشڪ صوبن کي نمائندگي ڏني وڃي، چيئرمين رٿ تي ايوان کان راءِ ورتي، ايوان اڪثريت راءِ سان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽر سسئي پليجو بل تي ڳالهائيندي چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ به وفاق پاران صوبن جي وسيلن کي ريگيوليٽ ڪيو پيو وڃي، ڪميٽي اتفاق راءِ سان بل کي منظور ڪيو آهي، چيئرمين بل تي شقوار منظوري وٺڻ کانپوءِ حتمي منظوري جي لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان اڪثريت راءِ سان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:38