ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي ان کي امن جو گهوارو بڻائينداسين: وزيراعظم محمد نواز شريف

ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي ان کي امن جو گهوارو بڻائينداسين: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي ان کي امن جو گهوارو بڻائينداسين، ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم ڪردار اديبن، شاعرن ۽ اهل علم ۽ دانشورن جو آهي، آپريشن ضرب عضب سان گڏوگڏ آپريشن ضرب قلم جي پڻ سخت ضرورت آهي، اسان زبان ۽ بيان جو سليقو وسرندا پيا وڃون، اسان جو لب لهجو سخت ٿي ويو آهي، دل آزاري جا لفظ عام ٿي ويا آهن، اهو رويو جيڪو ميڊيا جي هڪ حصي ذريعي عام ٿي رهيو آهي نئين نسل کي متاثر ڪري رهيو آهي، اديبن ۽ دانشورن کي ان مسئلي طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، علم ۽ ادب جي فروغ جي ادارن ۽ اهل علم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪريان ٿو، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي کي نه رڳو محفوظ بڻائڻ پر نئين نسل کي به منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو ڪالهه خميس ڏينهن اڪادمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ چوٿين عالمي اهل قلم ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم جو قومي ۽ ثقافتي وارو صلاحڪار عرفان صديقي پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته کيس اهل علم ۽ دانشورن جي خوبصورت ڪانفرنس ۾ شرڪت تي خوشي آهي، اهل قلم ڪنهن به معاشري جو سڀ کان قيمتي اثاثو هوندا آهن، اهل قلم نه رڳو زمانه حال تي گهري نظر رکن ٿا پر انهن جي نگاهه ايندڙ دور کي به ڏسي رهي هوندي آهي، اهي قوم جي دل، روح ۽ دماغ جو درجو رکن ٿا، انهن جي دل انسانن جي ڏک، درد ۽ احساسن کي محسوس ڪري ٿي ۽ انهن جون لکڻيون دلين کي وڌيڪ گرمائي ٿي ۽ ذهنن کي بدلائي ٿي، اهل قلم خواب به ڏسن ٿا ۽ انهن جي تعبير جي لاءِ جذبو به پيدا ڪن ٿا. هن چيو ته آئون پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته دنيا جيتري وڏين تبديلين ۽ انقلاب مان گذري رهي آهي ۽ انسان بلندين تائين پهتو آهي، ان جي پٺيان اهل قلم ۽ دانشورن جو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته قلم جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته الله به قلم جي قسم کاڌي ۽ حضور صه علم ۽ حڪمت کي مومن جو ميراث قرار ڏنو، جيستائين اسان علم ۽ ادب جي سرمائي سان مالامال رهياسين اسان زندگي جي هر شعبي ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو ۽ علمي شعبي ۾ زوال سان اسان پستي ۽ غلامي جو شڪار ٿي وياسين. هن چيو ته ان موقعي تي آئون عظيم شاعر علامه اقبال جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو جنهن جي شاعري نه رڳو ڏکڻ ايشيا پر سڄي دنيا جي انسانن کي خودي، ايمان ۽ يقين، آزادي ۽ جدوجهد جو درس ڏنو جنهن کي خطي جي ڪترين ئي قومن مشعل راهه بڻائي پنهنجي منزل حاصل ڪئي. هن چيو ته علامه اقبال جي بصيرت جو اندازو ان مان هڻي سگهجي ٿو ته هن قرارداد پاڪستان کان 10 سال ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کان 17 سال اڳ الهه آباد خطي ۾ موجوده پاڪستان تي ٻڌل آزاد رياست جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته علامه اقبال جي ان خواب کي قائداعظم تعبير ڏئي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۽ جاگرافيائي بدلائي ڇڏي. وزيراعظم چيو ته اهل قلم ۽ دانشور محبتن جا سفير هوندا آهن، اهل قلم نفرتون ختم ڪرڻ ۽ هر قسم جي تعصب جي نفي ڪري انسان کي رڳو انسانيت جي حوالي سان ڏسن ٿا جن معاشرن ۾ شعر ۽ ادب جي واڌويجهه ٿي رهي آهي اتي عدم برداشت، ناانصافي ۽ فرقه پرستي جهڙيون بيماريون نه ٿيون ٿين ۽ جن معاشرن ۾ شعر ۽ ادب جا چشما خشڪ ٿيڻ لڳن ته معاشرا مختلف فتنن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. وزيراعظم اهل قلم ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته اهي ان نقطي تي به غور ڪن ته ڪهڙي طرح علمي ۽ ادبي سرگرمين کي فروغ ڏئي انتهاپسندي ۽ عدم برداشت جي روين تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته 15 سالن کان جاري دهشتگردي ۾ اکيون وجهي ڏٺو ۽ پاڪ فوج پنهنجي روايتي بهادري سان حڪومت جي ان عزم کي عملي جامعو پارايو ۽ آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪري امن جو گهوارو بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن جي فروغ لاءِ اديبن، شاعرن، اهل علم ۽ دانشورن جو ڪردار اهم آهي. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب سان گڏوگڏ آپريشن ضرب قلم جي به سخت ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي دانشورن کي ان تي به غور ڪرڻ گهرجي ته اسان زبان ۽ بيان جو سليقو وسري رهيا آهيون، اسان جو لهجو سخت ٿي ويو آهي، دل آزاري وارن لفظن جو استعمال عام ٿي ويو آهي ۽ دلداري ۽ محبت پيدا ڪرڻ جا لفظ اسان وسري رهيا آهيون. هن چيو ته ميڊيا جي هڪ حصي ذريعي اهو رويو عام ٿي رهيو آهي جيڪو نئين نسل کي متاثر ڪري رهيو آهي، اهو ئي رويو انتهاپسندي ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ انتهاپسندي معاشري ۾ عدم برداشت ۽ دهشتگردي جو سبب بڻجي ٿي. هن چيو ته اديبن ۽ دانشورن جو ڌيان ان طرف به ڇڪرائڻ چاهيان ٿو ته ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهو مايوسي ۽ نااميدي پيدا ڪري رهيا آهن، اسان کي نئين نسل جي دلين ۾ اميد جا ڏيئا روشن ڪرڻا پوندا، قوم کي اميد ۽ يقين جو پيغام ڏنو وڃي. هن چيو ته قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن قائم ڪرڻ جو مقصد انهن ادارن کي ٻيهر زندهه ڪرڻ ۽ متحرڪ ڪرڻ هو جن جي افاديت ڪمزور ٿيندي پئي وئي. هن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي کي نه رڳو محفوظ ڪيو وڃي پر نئين نسل ڏانهن منتقل به ڪيو وڃي. هن چيو ته ادبي ورثي جي فروغ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کان به مدد ورتي وڃي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ادبي تاريخ ۽ ميراث کان محروم ٿيندڙ قوم ان وڻ وانگر هوندي آهي جنهن جون پاڙون کوکليون ٿي وڃن. هن چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ماضي ۾ علم ۽ ادب جي ادارن جي لاءِ فنڊن جي کوٽ درپيش رهي. هن قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي جي لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اهو فنڊ ڊويزن تحت هلندڙ ادارن جي ترقي جي لاءِ استعمال ٿيندو. هن چيو ته علمي ادارن جي ڪارڪردگي جي فروغ ۽ اهل علم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اهو فنڊ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم اعلان ڪيو ته اديبن ۽ شاعرن جي لاءِ وظيفن جي رقم کي به وڌايو پيو وڃي ۽ پراڻن وظيفن کانسواءِ نوان وظيفا پڻ شروع ڪيا ويندا ڇو ته اديب ۽ دانشور اسان جو قيمتي سرمايو آهن. هن چيو ته شاعرن ۽ اديبن جي انگ کي ٻيڻو ڪيو پيو وڃي ۽ ان انگ کي 500 مان وڌائي هڪ هزار يا ان کان به وڌيڪ ڪيو وڃي ته ان ۾ به ڪو هرج نه آهي. وزيراعظم انتظار حسين ايوارڊ شروع ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ چيو ته ان تحت 10 لک رپين جي رقم ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته اديبن ۽ شاعرن جي لاءِ انشورنس جو انگ جيڪو هن وقت 354 شخصيتن تائين محدود آهي وڌائي 700 ڪيو پيو وڃي، ان جو پريميئم حڪومت پاڻ ادا ڪندي. وزيراعظم چيو ته ڪانفرنس ۾ وڏي انگ ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن جي شرڪت ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ اسڪالرز جو خاص طور تي ٿورائتو آهيان، علم ۽ ادب جي ڪا حد ۽ جاگرافيائي ناهي هوندي، ان جو تعلق انسانيت سان آهي جيڪو هر فرق ۽ ورڇ کان بي نياز هوندو آهي. وزيراعظم چيو ته ادبي سرگرمين جي فروغ ۽ اهل قلم جي ڀلائي سان گڏوگڏ انهن فنڪارن جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي جي پڻ ضرورت آهي جن فنون لطيفه جي واڌويجهه جي لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪيون آهن. هن چيو ته ڪروڙين ماڻهن جي تفريح ۽ سڪون جو سبب بڻجندڙ فنڪار عمر جي هڪ خاص حصي ۾ وڃي مختلف قسمن جي مسئلن جو شڪار ٿي وڃن ٿا، انهن جي فن جي قدر نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي کي هدايت ڪئي ته سمورين ڌرين جي مشاورت سان فنڪارن جي ڀلائي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري هڪ مهيني ۾ رپورٽ ڏني وڃي. هن چيو ته اسان کي اهڙن ادارن جي به مدد ڪرڻ گهرجي جيڪي مختلف فن کي فروغ ڏئي رهيا آهن ۽ انهن جي ڀرپور سرپرستي ٿيڻ گهرجي ته جيئن فن زندهه رهي، حڪومت ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا فنڪار آهن جيڪي غربت ۾ زندگي گذارين ٿا پر ڪنهن جي اڳيان هٿ نه وڌائين اسان کي پاڻ انهن تائين پهچي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان سلسلي ۾ هو جيڪي به تجويزون ڏيندو حڪومت انهن کي منظور ڪندي. وزيراعظم چيو ته گلگت کان گوادر ۽ ڪراچي کان پشاور تائين اهڙن سمورن فنڪارن جي فهرست ٺاهي وڃي جن کي مدد جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ان مقصد جي لاءِ جيڪڏهن 50 ڪروڙ رپيا گهٽ ٿين ته هو وڌيڪ 50 ڪروڙ رپيا به ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو ته قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ۽ ان جا ماتحت ادارا ملڪ ۾ ادب جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم انهن ادارن جي بحالي ۽ ڪارڪردگي کي منظم ڪرڻ جي لاءِ هڪ جدا ڊويزن قائم ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته انهن ادارن کي متحرڪ ۽ فعال بڻايو وڃي ته جيئن علم ۽ فن جي ترقي ٿئي. اي پي پي/ع – ک 18:00