حڪومت جي ٺوس پاليسين سبب اقتصادي واڌويجهه ۾ نمايان ڪاميابي ملي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

حڪومت جي ٺوس پاليسين سبب اقتصادي واڌويجهه ۾ نمايان ڪاميابي ملي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي ۽ ٺوس پاليسين سبب اقتصادي واڌويجهه ۾ نمايان ڪاميابي ملي آهي جنهن جو اعتراف عالمي مالياتي ادارن پڻ ڪيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ غيرمعمولي اضافي جو رجحان آهي. ناڻي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ هاڻي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته روانگي واپار جي حوالي سان نشاندهي ڪيل اهم اشوز ۾ پاڪستاني مصنوعات سان مقابلو ڪندڙ عالمي سپلائرز، روانگي واپار تي تقابلي مراعتون، جتي ٻيون معيشتون وڌيڪ مراعتون ڏئي رهيون آهن ۽ ٽيڪس نظام شامل آهي. وزيراعظم کي ايگرو پراسيسنگ جي لاءِ پلانٽ ۽ مشينري، ٽيڪنالاجي اپ گريڊيشن فنڊ، برينڊ اينڊ سرٽيفڪيشن ڊولپمينٽ، مصنوعات جي تياري تي مراعتون ۽ لاڳاپيل ٽيڪسن ۽ ليويز بابت حڪومت پاران فراهم ڪيل مدد بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته روانگي واپار شعبي جي ترقي لاءِ اهم معاون عنصرن ۾ معياري بنيادي ڍانچو، پيداوار، يوٽيلٽيز تائين پهچ ۽ فني ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مقامي ۽ عالمي معيار جي هم آهنگي، حقوق ملڪيت دانش ۽ تڪرارن جي موثر ۽ فوري حل جو نظام به روانگي واپار جي فروغ لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم فنانس ڊويزن، ڪامرس ڊويزن، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ سيڙپڪاري بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو ان صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس تجويزون پيش ڪري. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته اهي تجويزون ڪاروباري نمائندن جي موجودگي ۾ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن ته جيئن ڪاروباري برادري جي راءِ کي به يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين مفتاح اسماعيل، وزيراعظم جي سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک 18:04