عمران خان کي رڳو ڪوڙا الزام هڻڻ جو ڪم اچي ٿو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

عمران خان کي رڳو ڪوڙا الزام هڻڻ جو ڪم اچي ٿو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05جنوری2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز الزام خان جي اعصاب تي حاوي آهي، تحريڪ انصاف وارا اليڪشن ڪميشن ۾ چون ٿا ته مريم نواز ڪيپٽن صفدر جي ڪفالت هيٺ آهي، عدالت ۾ چون ٿا ته هو وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڪفالت هيٺ آهي، عمران خان کي رڳو ڪوڙا الزام هڻڻ جو ڪم اچي ٿو، ڪنٽينر تي بيهڻ ۽ ميڊيا تي شو ڪرڻ سان عدالتن ۾ ڪيس نه ٿا کٽي سگهجن، تحريڪ انصاف جي مفروضن تي بيٺل عمارت اڄ ڪري پئي آهي، تحريڪ انصاف وٽ ڪي به دليل نه آهن انهن جون ٽئي پٽيشنون هڪ ٻئي جي متضاد آهن، ڪنفيوزن تي سياست ڪري سگهجي ٿي عدالت ۾ ڪيس نه ٿو وڙهي سگهجي، تحريڪ انصاف عدالت ۾ ثبوت پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انصاف جي داخل ڪيل پٽيشن ۾ هڪ ٻيو نقطو اٿايو ويو آهي جنهن ۾ مريم نواز شريف کي سموري پراپرٽي جو بينفشري قرار ڏنو ويو آهي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ ئي شخصيت کي ٻن ماڻهن جي ڪفالت هيٺ هجڻ ۽ بينفشري چيو ويو آهي ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف ڪوڙ ۽ خالي ٿنڀن تي هڪ عمارت بيهاري هئي جنهن جو اڄ ڪو نشان نه ملي رهيو آهي، اها بلڪل ختم ٿي چڪي آهي ۽ اهي سمورا ڪوڙا خيال جن تي سياست ڪئي پئي وئي اها ختم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اڄ عمران خان کي خبر پئجي چڪي آهي ۽ جنهن جو هو پاڻ ڪالهه ذڪر به ڪري چڪو آهي ته هن رڳو ڪوڙا الزام هنيا هئا. مريم اورنگزيب چيو ته اڄ کيس خبر پئجي چڪي آهي ته ڪنٽينر ۽ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهين تي عدالتن ۾ نه ته ڪيس وڙهيا وڃن ٿا ۽ نه ئي کٽي سگهجن ٿا. هن چيو ته تحريڪ انصاف وٽ ڪي به دليل نه آهن انهن جون ٽئي پٽيشنون هڪ ٻئي جي متضاد آهن جيڪڏهن ٽنهي پٽيشنن جو جائزو ورتو وڃي ته نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪيس ۾ ڪو هڪ موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته ڪنفيوزن تي سياست ڪري سگهجي ٿي عدالت ۾ ڪيس نه ٿو وڙهي سگهجي. هن چيو ته الزام خان جيڪي الزام عدالت ٻاهران هڻي ٿو انهن جا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن جنهن ۾ تحريڪ انصاف بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:21