عالمي برادري ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي جاري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي: وزيراعظم محمد نواز شريف

عالمي برادري ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي جاري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي جاري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو ڪالهه خميس ڏينهن هتي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي حصيداري سان ينگ پارليامينٽرين فورم جي اهتمام هيٺ ڪشمير بابت ٻن ڏينهن واري عالمي پارلياماني سيمينار جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ڪشمير جي حوالي سان عالمي پارلياماني سيمينار منعقد ڪرڻ کي وقت سر قرار ڏيندي چيو ته ڪشمير پاڪستان جي سڃاڻپ جو لازمي جز آهي، اسان جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اسان انهن جي خوشي ۾ خوش ۽ انهن جي ڏک ۾ ڏکائتا ٿي ويندا آهيون. هن چيو ته ڪشمير کي ٻرندي نه ٿا ڇڏي سگهون، دنيا ڀارت کي اهو ٻڌائي ته گهڻو ٿي چڪو. وزيراعظم چيو ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشميرين جي نوجوان نسل هڪ نئون باب لکيو آهي. برهان واني جي شهادت کانپوءِ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ نئون ولولو پيدا ٿيو آهي، اها ڪشميرين جي پنهنجي جدوجهد آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سدائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي، اسان آئنده به اها حمايت جاري رکنداسين ته جيئن ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ملي سگهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ ڀارتي فوج جيڪي ظلم ڪشمير جي معصوم عوام تي ڪري رهي آهي، عالمي برادري کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي پليٽ فارم تي سيپٽمبر 2015ع ۾ پنهنجي پيش ڪيل چار نقاطي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو جيڪا ڪشمير مسئلي جي حل جو احاطو ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ سيپٽمبر 2016ع ۾ به عالمي برادري جو ڌيان ڪشمير تڪرار جي حل جي ضرورت ۽ ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلمن طرف ڇڪرايو هو ۽ ان تي تفصيلي ڳالهايو هو. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته ڀارت کي چوي ته والاريل ڪشمير ۾ گهڻو ٿي چڪو آهي، 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير ۾ گولين جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. ڪشمير ۾ هاڻي ظلم بند ڪري ڏکڻ ايشيا جي خطي جي عوام جي لاءِ به اهڙي تعمير ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن مان دنيا جي ٻين خطن جي عوام فائدو کڻي رهي آهي. عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جو خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪرايو وڃي. هن چيو ته ڪشميرين جي ڪيترن ئي نسلن تي ڪيل ڀارتي ظلم هاڻي بند ٿيڻ گهرجن. سيمينار منعقد ڪرڻ سان ڪشمير عوام کي اهو واضح پيغام ويندو ته اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪندو رهندو. هن چيو ته تازو ئي پارليامينٽ ميمبرن کي ٻاهرئين ملڪ پنهنجي نمائندن طور موڪليو ويو هو ته جيئن دنيا کي والاريل ڪشمير جي عوام جي حالت بابت آگاهه ڪري سگهجي. آزاد ڪشمير جو صدر مسعود خان، وزيراعظم راجا فاروق حيدر، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ تقريب ۾ موجود هئا جڏهن ته يورپ ۽ اتر آمريڪا مان ڪشمير بابت دانشور به شريڪ هئا. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:45