قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اسلام آباد جي متاثرين کي ادائيگيون نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سي ڊي اي کي هدايت ڪئي آهي ته اها متاثرين جي فهرست جوڙي ڪميٽي کي پيش ڪري، سي ڊي اي عملدار ان دير جي ذميوارن جي به نشاندهي ڪن. ڪالهه اربع ڏينهن اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين محمد حيات خان جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ايڪوائر ڪيل جڳهه جي مالڪن جي بحالي ۽ متبادل جڳهه فراهم ڪرڻ جي لاءِ آرڊيننس 1980ع تحت پاليسي لاڳو آهي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي ايڪويزيشن اينڊ رولز پاليسي 2007ع جي روشني ۾ وفاقي گادي واري شهر جي سيڪٽر سي 15، 13، 16، ڊي 13، اي 13 ۽ ايف 13 جي زمين ايڪوائر ڪئي وئي ۽ مالڪن کي چار ڪينال زمين جي بدلي هڪ ڪينال جا ڊيولپ پلاٽ انهن کي ڏيڻا آهن. اجلاس ۾ سردار منصب ڊوگر، ملڪ ابرار احمد، سيد جاويد علي شاهه، سردار محمد عرفان ڊوگر، پروين مسعود ڀٽي، نگهت پروين، شهناز سليم، سيما محي الدين جميلي، رشيد احمد خان، رانا محمد قاسم نون، اسد عمر، نفيسا عنايت الله خان خٽڪ، مولوي آغا محمد، خالد مقبول صديقي سميت ٻيا ڪميٽي جا ميمبر ۽ لاڳاپيل ادارن جا عملدار موجود هئا. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:37