قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ترميمي) بل 2016ع متفقه طور تي منظور ڪري ورتو، ترميمي بل موجب وفاق، ڪارپوريشنز ۽ خودمختيار سرڪاري ادارن ۾ گريڊ 11 کان مٿي جايون ايف پي ايس سي ذريعي ڀريون وينديون، ايف پي ايس سي جي لاءِ نتيجا تيار ڪرڻ جو وقت 2 سالن کان گهٽ ڪري 6 مهينا مقرر ڪيو ويو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس راڻا محمد حيات خان جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايف پي ايس سي ترميمي بل جي محرڪ ايم اين اي ڊاڪٽر فوزيه حميد بل جي مقصدن بابت ڪميٽي کي ٻڌايو ته وفاق سمورن صوبن جي فيڊريشن آهي ۽ ان فيڊريشن جي هر سرڪاري نوڪري تي سمورين ڌرين جو حق آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت ۾ موجود سمورين جاين تي سياسي اثررسوخ ختم ڪرڻ جي لاءِ گريڊ 11 کان مٿي گريڊ تي سموريون ڀرتيون ايف پي ايس سي ذريعي ڪيون وڃن، ان ترميمي بل کان اڳ ايف پي ايس سي رڳو گريڊ 16 کان مٿي ڀرتين ۾ شامل ٿيندي هئي. ان ترميمي بل ۾ نتيجن جي تياري جو مدو به 6 مهينا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بعد ۾ ڪميٽي ايف پي ايس سي ترميمي بل 2016ع کي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:44