سينيٽ جي نيشنل هيلٿ سروسز اينڊ ريگيوليشنز بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي نيشنل هيلٿ سروسز اينڊ ريگيوليشنز بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04جنوری2016ء) سينيٽ جي نيشنل هيلٿ سروسز اينڊ ريگيوليشنز بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سجاد حسين طوري جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد، اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي وڏي انگ ۾ منشيات ۽ تماڪو جي استعمال ۾ وڌندڙ اضافي، سينيٽر محمد اعظم خان سواتي پاران انساني عضون ۽ ٽشوز جي پيوندڪاري ترميمي بل 2016ع جي ايجنڊا بحث هيٺ آئي. ڪميٽي جي چيئرمين وزارت جي سيڪريٽري جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ ۽ بريفنگ پيپرز وقت سر فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته بريفنگ پيپرز وقت سر فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جيڪڏهن آئنده وقت سر پيپر فراهم نه ڪيو ويو ته سينيٽ چيئرمين جي نوٽيس ۾ آڻي ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سجاد حسين طوري چيو ته تعليمي ادارن ۾ منشيات ۽ تماڪو جي استعمال ۾ اضافي سان نئين نسل جو مستقبل تباهه ۽ ملڪ کي نقصان پهچندو، حڪومتي ادارا سخت ڪارروائي ڪن. ايندڙ اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، ايڇ اي سي، وفاقي نظامت تعليم هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪن. اجلاس ۾ سينيٽر حمزه، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، ميان محمد عتيق شيخ، ڊاڪٽر غوث محمد خان نيازي، خالده پروين ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:31