سينيٽ چيئرمين پاران پي ٽي وي ۾ ڀرتين بابت سينيٽر جهانزيب جمالديني جي شڪايت لاڳاپيل وزير حوالي

سينيٽ چيئرمين پاران پي ٽي وي ۾ ڀرتين بابت سينيٽر جهانزيب جمالديني جي شڪايت لاڳاپيل وزير حوالي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پي ٽي وي ۾ ڀرتين بابت سينيٽر جهانزيب جمالديني جي شڪايت لاڳاپيل وزير ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته سرڪاري ٽي وي ۾ ڀرتين جي معاملي ۾ بلوچستان سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي ان جو نوٽيس ورتو وڃي، سينيٽ چيئرمين اهو معاملو لاڳاپيل وزير ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:08