سينيٽ چيئرمين پاران حيدرآباد جي هڪ ڪالوني ۾ 8 ڏينهن کان بجلي جي بندش جو معاملو لاڳاپيل وزير حوالي

سينيٽ چيئرمين پاران حيدرآباد جي هڪ ڪالوني ۾ 8 ڏينهن کان بجلي جي بندش جو معاملو لاڳاپيل وزير حوالي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني حيدرآباد جي هڪ ڪالوني ۾ 8 ڏينهن کان بجلي جي بندش جو معاملو لاڳاپيل وزير ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ عوامي اهميت جي معاملي تي ڳالهائيندي سينيٽر مختار عاجز ڌامراهه چيو ته حيدرآباد ۾ هڪ ڪالوني ۾ 8 ڏينهن کان بجلي نه آهي، 12 ٽرانسفارمر ڪم نه ڪري رهيا آهن، چار ماڻهو گرمي ۾ فوت ٿي ويا آهن، پنجاب ۾ به ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن، انهن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر حيدرآباد ۾ مارجي ويلن کي معاوضي جو اعلان نه ڪيو ويو، امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي، چيئرمين اهو معاملو لاڳاپيل وزير ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:07