سينيٽ چيئرمين پاران سينيٽر طلحيٰ محمود جي ڊپٽي ڪمشنر گوادر جي خلاف استحقاق واري رٿ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

سينيٽ چيئرمين پاران سينيٽر طلحيٰ محمود جي ڊپٽي ڪمشنر گوادر جي خلاف استحقاق واري رٿ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني جي يو آءِ (ف) جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر طلحيٰ محمود جي ڊپٽي ڪمشنر گوادر جي خلاف استحقاق واري رٿ لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر طلحيٰ محمود چيو ته ڊپٽي ڪمشنر گوادر ساڻس بدتميزي ڪئي، فون تي ڳالهائڻ دوران ڊي سي فون بند ڪري ڇڏي ۽ بدتميزي وارو رويو اختيار ڪيو، چيئرمين اهو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:09