ڊبليو ٽي او جي قانونن جي باوجود ڀارت پاڪستان جي مصنوعات جي لاءِ نان ٽيرف رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن: وفاقي وزير خرم دستگير خان

ڊبليو ٽي او جي قانونن جي باوجود ڀارت پاڪستان جي مصنوعات جي لاءِ نان ٽيرف رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن: وفاقي وزير خرم دستگير خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23دسمبر2016ء) واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ڊبليو ٽي او جي قانونن جي باوجود ڀارت پاڪستان جي مصنوعات جي لاءِ نان ٽيرف رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن جڏهن ته ڊبليو ٽي او جي 14 نون ميمبر ملڪن پاڪستان کي پسنديده ترين ملڪ جو درجو ڏنو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر عتيق شيخ ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ڊبليو ٽي او جي ميمبر جي حيثيت سان ڀارت ۽ اسرائيل کانسواءِ سمورن ڊبليو ٽي او ميمبر ملڪن کي پسنديده ملڪ جو درجو ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. ڊبليو ٽي او جي ميمبرن جو انگ 164 آهي. ڊبليو ٽي او قانونن تحت سمورا ملڪ پنهنجي واپاري حصيدارن سان فرق نه ٿا ڪري سگهن. واپار جي لاءِ ڪنهن ملڪ کي پسنديده قرار ڏيڻ جو مقصد انهن کي برابر واپاري فائدا فراهم ڪرڻ آهي. ڀارت ڊبليو ٽي او ڪارڪن هجڻ جي باوجود پاڪستان کي واپار جي لاءِ سهولتون نه ڏنيون ۽ ان جي لاءِ نان ٽيرف رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن. هن چيو ته اسان آفريقا ۽ ٻين ملڪن سان واپار وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن ۾ نمائشون به منعقد ڪيون پيون وڃن. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:10