حڪومت سڄي ملڪ ۾ ٽيلي مواصلات جي شعبي ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف قدمن جي شروعات ڪئي آهي: سينيٽ کي آگاهي

حڪومت سڄي ملڪ ۾ ٽيلي مواصلات جي شعبي ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف قدمن جي شروعات ڪئي آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23دسمبر2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ٽيلي مواصلات جي شعبي ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف قدمن جي شروعات ڪئي آهي. يونيورسل سروس فنڊ تحت ڪمپيوٽر ليباريٽريون قائم ڪيون وينديون. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪلثوم پروين جي سوال جي جواب ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ 50 وومين امپاورمينٽ سينٽرز ۾ ڪمپيوٽر ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي لاءِ 11 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم فراهم ڪئي وئي آهي. منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ 50 ڪمپيوٽر ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٽينڊر مليا آهن. اسلام آباد ۾ 56 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي لاڳت سان نيشنل انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد ذهين نوجوان شاگردن کي فني معاونت فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم جي قومي آءِ سي ٽي اسڪالرشپ پروگرام تحت 4 سالا انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ ڏنيون وينديون. اي پي پي/ص –ج/ع – ک 16:24