گذريل ٻن سالن ۾ 40 هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ ڪپهه جي غيرتصديق ٿيل ۽ جعلي ٻج پڪڙيو ويو آهي: سينيٽ کي آگاهي

گذريل ٻن سالن ۾ 40 هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ ڪپهه جي غيرتصديق ٿيل ۽ جعلي ٻج پڪڙيو ويو آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23دسمبر2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ٻن سالن ۾ 40 هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ ڪپهه جي غيرتصديق ٿيل ۽ جعلي ٻج پڪڙيو ويو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر احمد حسن ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير ايوان کي ٻڌايو ته غيرمعياري ٻجن جي وڪري کي روڪڻ جي لاءِ سيڊ انسپيڪٽر مارڪيٽ جو دورو ڪن ٿا ۽ ٻج وڪرو ڪندڙن جو چالان ڪن ٿا. گذريل ٻن سالن دوران ڪپهه جو ٻج وڪرو ڪندڙن جي خلاف عدالتن ۾ 544 چالان جمع ڪرايا ويا، 16 – 2014ع ۾ ڪپهه جي تصديق ٿيل معياري ٻج جي دستيابي 20 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ هئي جيڪا 16 – 2015ع ۾ وڌي 34 هزار 520 ميٽرڪ ٽن ٿي وئي. 17 – 2016ع ۾ اهو وڌي 29 هزار 363 ميٽرڪ ٽن تائين پهچي وئي آهي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:07