علم ۽ ادب جي فروغ سان قومي مزاج ۽ مثبت روين جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي: عرفان صديقي

علم ۽ ادب جي فروغ سان قومي مزاج ۽ مثبت روين جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي: عرفان صديقي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ته علم ۽ ادب جي فروغ سان قومي مزاج ۽ مثبت روين جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي، معاشري ۽ قوم جي حقيقي ترقي لاءِ اهل علم ۽ ادب کي فڪري محاذ تي متحد ٿي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هو پي ٽي وي جي چيئرمين ۽ مشهور دانشور عطاءُ الحق قاسمي سان ڳالهائي رهيو هو. جنهن سومر ڏينهن قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، عرفان صديقي چيو ته اردو کي سرڪاري ٻولي طور تي لاڳور ڪرڻ لاءِ ٺوس ڪوششون جاري آهن، اهل علم زبان ۽ ادب ان قومي فرض کي انجام ڏيڻ ۾ اسان جي صحيح رهنمائي ڪري ته جيئن قومي تمنائون پوريون ٿي سگهن. هن چيو ته قوم جي تهذيب ۽ ثقافتي روايتن جي فروغ ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن هميشه نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، موجوده وقت ۾ پي ٽي وي کي قومي تعمير ۽ ترقي، نظرياتي تشخص، سياسي استحڪام ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:17 خبر نمبر -- -- - 03