پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: سينيٽر چوڌري تنوير خان

پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: سينيٽر چوڌري تنوير خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر چوڌري تنوير خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڀارتي حڪومت ڪشميرين کي ڪنهن به صورت ۾ ڏاڍ سان دٻائي نٿي سگهي، آزاد ڪشمير جون چونڊون پهريون ڀيرو فوج جي نگراني ۾ ڪرايون ويون، سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ڏاڍ جي بنياد تي ڪشميرين کي دٻائي نٿي سگهي، ڪشميري عوام گذريل 60 سالن کان آزادي جي لاءِ جانين جو نذرانو ڏئي رهي آهي، جڏهن ته هينئر تائين هڪ لک ڪشميرين جانين جو نذرانو ڏنو آهي ، هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم سمجهي يا نه سمجهي آزادي کي طاقت جي زور تي نٿو روڪي سگهجي. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڀارتي ظلمن کان آزاد ٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن آزاد ڪشمير جي چونڊن کي صاف ۽ شفاف قرار ڏيندي چيو ته پهرين ڀيرو آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايون ويون، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي عوام ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان وزيراعظم محمد نواز شريف تي اعتماد جو اظهار ڪندي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪامياب بڻايو، هن چيو ته عمران خان جي سياست سمجهه کان مٿانهين آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:49