ڪابل ۾ ٿيڻ واري دهشتگرد حملي جي افسوسناڪ سانحي تي افغانستان سان گڏ آهيون: وزيراعظم محمد نواز شريف

ڪابل ۾ ٿيڻ واري دهشتگرد حملي جي افسوسناڪ سانحي تي افغانستان سان گڏ آهيون: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان ڪابل ۾ ٿيڻ واري دهشتگرد حملي جي افسوسناڪ سانحي تي افغانستان سان گڏ آهيون، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ افغانستان سان پنهنجو تعاون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم افغان صدر اشرف غني کي ٽيلي فون ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام 23 جولاءِ تي ڪابل ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي افسوسناڪ سانحي تي افغانستان سان گڏ آهي، سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب دهشتگردن جي بي رحماڻي ڪارروائي ۽ انساني جانين جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪندي وزيراعظم ان وحشياڻي حملي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان گهري همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. دهشتگردن کي ٻنهي ملڪن جو گڏيل دشمن قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ افغانستان سان پنهنجو تعاون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. افغان صدر اشرف غني ان مشڪل موقعي تي افغان حڪومت ۽ عوام سان يڪهتي جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. افغان صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي دهشتگردن جا مسلسل حملا درپيش آهن، هن ڀائرن ملڪن جي حيثيت سان افغان عوام لاءِ ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ کي ساراهيو، افغان صدر يقين ڏياريو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان متحد آهيون. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:14