سينيٽ چيئرمين پاران ڪوئيٽا سانحي تي ڪميشن جي رپورٽ کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ التوا واري رٿ بحث لاءِ منظور

سينيٽ چيئرمين پاران ڪوئيٽا سانحي تي ڪميشن جي رپورٽ کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ التوا واري رٿ بحث لاءِ منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20دسمبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي سانحي تي ڪميشن جي رپورٽ کي بحث هيٺ آڻڻ جي لاءِ التوا واري رٿ بحث جي لاءِ منظور ڪري ورتي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر شيري رحمان پنهنجي ۽ ٻين ميمبرن پاران سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي سانحي تي ڪميشن جي رپورٽ کي بحث هيٺ آڻڻ جي لاءِ التوا واري رٿ منظوري لاءِ پيش ڪئي، حڪومت پاران گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته اهو معاملو عدالت ۾ آهي تنهن هوندي به ايوان جيڪڏهن ان تي بحث ڪرڻ چاهي ٿو ته اسان ان رٿ جي مخالفت نه ٿا ڪريون، سينيٽ چيئرمين رٿ بحث جي لاءِ منظور ڪندي چيو ته ان رٿ تي اربع تي 2 ڪلاڪ بحث ڪيو ويندو.