انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ هڪ باقاعده مهم جاري آهي: مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان

انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ هڪ باقاعده مهم جاري آهي: مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20دسمبر2016ء) گهرو معاملن جي مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو آهي ته انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ هڪ باقاعده مهم جاري آهي، گذريل هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ 2184 انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر اعظم سواتي، طلحيٰ محمود، سردار اعظم موسيٰ خيل جي سوالن جي جواب ۾ گهرو معاملن جي مملڪتي وزير سينيٽ کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي قانوني اٿارٽي ۽ مڪمل آزادي تحت ڪم ڪري رهي آهي، ان جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي، اي او بي آءِ ڪيس سميت ڪيترائي ڪيس ان جو مثال آهن. ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي جي تحفظ بابت گهرو وزارت آڏو ڪو معاملو ناهي اٿاريو ويو. هن چيو ته ايف آءِ اي پاران ڪيل جاچ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ هڪ باقاعده مهم شروع ڪئي وئي آهي. 18 نومبر 2015ع کان 18 آگسٽ 2016ع تائي 2184 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 1443 جاين تي ڇاپا هنيا ويا آهن، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ايف آءِ اي جي اميگريشن بابت قانونن جو دائرو طورخم بارڊر تائين وڌايو ويو آهي ته جيئن غيرقانوني اسمگلنگ کي روڪي سگهجي. سينيٽر احمد حسن، ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني جي سوالن جي جواب ۾ گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان سينيٽ کي ٻڌايو ته سڃاڻپ ڪارڊن جي تصديق جي مهم دوران 58 هزار کان وڌيڪ جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جو پتو لڳايو ويو آهي. 94 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ان حوالي سان معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايس ايم ايس موڪليا ويا. هن چيو ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊز ٺاهڻ ۾ نادرا جا 54 ملازم ملوث هئا جن مان 16 کي برطرف ڪيو ويو آهي. ملوث ملازمن جا ڪيس ڪارروائي جي لاءِ ايف آءِ اي ڏانهن موڪليا ويا آهن. هن ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه ۾ 9330، فاٽا ۾ 2820، پنجاب ۾ 15 هزار کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 8 هزار کان وڌيڪ، اسلام آباد ۾ 900 کان وڌيڪ، گلگت بلتستان ۾ 27 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 795 جعلي سڃاڻپ ڪارڊن جو پتو لڳايو ويو. هن چيو ته 2244 ماڻهن پاڻ آگاهه ڪيو ته اهي پاڪستان جا شهري نه آهن، انهن ۾ افغانستان، بنگلاديش ۽ ڀارت جا شهري به شامل آهن.