سينيٽ چيئرمين پاران اٺين اين ايف سي ايوارڊ کي بحث هيٺ آڻڻ ۽ پوليس ٽريننگ سينٽر ڪوئيٽا تي دهشتگرد حملي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ التوا واريون رٿون رد

سينيٽ چيئرمين پاران اٺين اين ايف سي ايوارڊ کي بحث هيٺ آڻڻ ۽ پوليس ٽريننگ سينٽر ڪوئيٽا تي دهشتگرد حملي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ التوا واريون رٿون رد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20دسمبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني اٺين اين ايف سي ايوارڊ کي بحث هيٺ آڻڻ ۽ پوليس ٽريننگ سينٽر ڪوئيٽا تي دهشتگرد حملي کي بحث هيٺ آڻڻ جي لاءِ سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي ۽ سينيٽر مولانا حمدالله جون التوا واريون رٿون رد ڪري ڇڏيون. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر طاهر حسين مشهدي اٺين اين ايف سي ايوارڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ وفاقي حڪومت جي ناڪامي کي بحث هيٺ آڻڻ جي التوا واري رٿ منظوري لاءِ پيش ڪئي، چيئرمين سندس دليل ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته ان سلسلي ۾ پراسيس شروع ٿي چڪو آهي ان جي لاءِ التوا واري رٿ منظور نه ٿي ڪري سگهجي. سينيٽر مولانا حمدالله جي التوا واري رٿ تي چيئرمين رولنگ ڏني ته جيئن ته قاعدن تحت چئن مهينن جي اندر ڪنهن معاملي تي ايوان ۾ ٻيهر بحث نه ٿو ڪري سگهجي ان جي لاءِ ان معاملي تي التوا واري رٿ تي ٻيهر بحث نه ٿو ٿي سگهي.