نيشنل سيڪيورٽي جي معاملن تي غور جي لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جوڙي وڃي: سينيٽرز

نيشنل سيڪيورٽي جي معاملن تي غور جي لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جوڙي وڃي: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 15دسمبر2016ء) سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن چيو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي جي معاملن تي غور جي لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جوڙي وڃي، پورو نظام پارليامينٽ جي تابع هجڻ گهرجي. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر سعيد غني سميت 36 ميمبرن پاران نيشنل سيڪيورٽي تي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ تي قرارداد جي معاملي تي رٿ ايجنڊا تي هئي، رٿ تي ڳالهائيندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي معاملن تي غور جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي هجڻ گهرجي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ جيڪو آپريشن ٿي رهيو آهي ان سان صورتحال ۾ بهتري آئي آهي پر پنجاب ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ڪالعدم تنظيمن جي خلاف آپريشن جي حوالي سان ڪارروائي جي حوالي سان صحيح صورتحال اسان آڏو نه آهي. پارليامينٽ کي انهن معاملن تي ڪو جوابده نه آهي. نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ضرور ٺهڻ گهرجي. ان ۾ ٻنهي ايوانن جي نمائندگي هجڻ گهرجي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ راضپي جو اظهار پڻ ڪيو هو. سينيٽر سحر ڪامران چيو ته نيشنل سيڪورٽي معاملن تي پارليامينٽ جي رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني چيو ته پورو نظام پارليامينٽ جي تابع هجڻ گهرجي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ٺهڻ گهرجي. سينيٽر عبدالقيوم چيو ته پارلياماني ڪميٽي رڳو نيشنل سيڪيورٽي جي معاملن تي نه پر ٻين ڪيترن ئي معاملن پڻ پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي هجڻ گهرجي. سينيٽر سراج الحق چيو ته حڪومت ۾ جذبو ۽ نيت هجي ته بنا ڪميٽين جي به مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو. نيشنل سيڪيورٽي جي معاملن تي پارليامينٽ جي ڪميٽي ٺهڻ گهرجي.