سينيٽ پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي خصوصي ڪميٽي جي ٽين عبوري رپورٽ منظور

سينيٽ پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي خصوصي ڪميٽي جي ٽين عبوري رپورٽ منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 15دسمبر2016ء) سينيٽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي خصوصي ڪميٽي جي ٽين عبوري رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر تاج حيدر پاڪ چين اقتصادي لنگهه بابت خصوصي ڪميٽي جي ڪنوينر جي حيثيت سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي ڪميٽي جي ٽين عبوري رپورٽ جيڪا 4 نومبر 2016ع تي ايوان ۾ پيش ڪئي وئي هئي، ان کي غور هيٺ آڻڻ ۽ منظور ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، رٿ تي ڳالهائيندي هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سي پيڪ تحت سيڙپڪاري ناهي ڪئي وئي، ڪميٽي درياءَ جي ٻنهي طرفن رستا ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي ته جيئن ٽريفڪ آساني سان روان دوان ٿي سگهي ڇو ته سوڙهن رستن تي ڊگها ٽرالر هلي نه ٿا سگهن. ڪميٽي گلگت ۾ عالمي ايئرپورٽ ٺاهڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي. چلاس ۾ اهڙي قسم جي جاءِ موجود آهي، ڪميٽي اتان جو دورو نه ٿي ڪري سگهي، ڪميٽي جي ڄاڻ اها ڳالهه به آئي آهي ته عطاءَ آباد ڍنڍ وانگر ڪيترين ئي جاين تان پهاڙ سرڪڻ جا خدشا آهن، ان جو تدارڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته گلگت بلتستان جي عوام کي انهن جو حق ڏنو وڃي. هن چيو ته 55 صفحن جي ڪميٽي جي رپورٽ تي غور ڪري ايوان ان کي منظور ڪري. سينيٽر ڪريم احمد خواجه چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي حيثيت جو فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي. سينيٽ چيئرمين چيو ته هي آئيني معاملو آهي، اهو معاملو ڪشمير مسئلي سان ڳنڍيل ۽ ڏکيو معاملو آهي. ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر مير عتيق چيو ته چين مان جيڪي ڪنٽينر آيا اهي ان ئي روڊ تان گذريا آهن جيڪو ڪم هيستائين ٿيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته گلگت بلتستان ۾ سي پيڪ تحت ترقي جي لاءِ ڪم ناهي ڪيو ويو، حڪومت ڪميٽي جي رپورٽ تي عملدرآمد ڪري. سينيٽر نهال هاشمي چيو ته ڪميٽي جي رپورٽ مڪمل ۽ ٺوس نه آهي، اها رڳو 280 ڪلوميٽر جي محدود علائقي جي رپورٽ آهي، سي پيڪ سوست کان گوادر تائين آهي. سينيٽر طلحيٰ محمود چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جي لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا وڃن. سينيٽر نعمان وزير خٽڪ چيو ته حقيقتن تي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، قومي جذبي جو مظاهرو ٿيڻ گهرجي، سي پيڪ جي منصوبن ۾ اسان کي پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، پاڪستانين کي روزگار جا موقعا ملڻ گهرجن. سينيٽر اي رحمان ملڪ ڪميٽي جي ڪم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سي پيڪ جي معاملي تي اسان کي هڪ هجڻ گهرجي، سڀني صوبن کي موقعا ملڻ گهرجن، بليم گيم ۾ نه پوڻ گهرجي، اسان کي سي پيڪ مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. چيئرمين ڪميٽي جي رپورٽ ايوان جي راءِ ورتي، ايوان رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.