قومي اسيمبلي ۾ خميس ڏينهن به هنگامو

قومي اسيمبلي ۾ خميس ڏينهن به هنگامو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 15دسمبر2016ء) قومي اسيمبلي ۾ خميس ڏينهن ان وقت هنگامو شروع ٿي ويو جڏهن شاهه محمود قريشي پنهنجي خطاب ۾ اسپيڪر بدران جناب اياز صادق چيو ته ان تي مملڪتي وزير عابد شير علي سميت ڪيترائي حڪومتي ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا ۽ ان تي احتجاج ڪيو، ان دوران شاهه محمود قريشي ۽ عابد شير علي جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي، اسپيڪر چيو ته هو ان معاملي کي پاڻ هينڊل ڪري سگهي ٿو، حڪومتي ميمبر شيخ روحيل اصغر ۽ شاهه محمود قريشي جي وچ ۾ پڻ ڏند چڪ ٿي، اسپيڪر چيو ته اهو منهنجو ۽ معزز ميمبر جي وچ ۾ معاملو آهي انهن ڳالهين سان عزت وڌندي ۽ گهٽبي نه آهي، اهو آئين جو معاملو آهي.