موجوده دور ۾ عوام باشعور ٿي چڪي آهي: سينيٽر ميان عتيق

موجوده دور ۾ عوام باشعور ٿي چڪي آهي: سينيٽر ميان عتيق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ سينيٽر ميان عتيق چيو آهي ته موجوده دور ۾ عوام باشعور ٿي چڪي آهي، ائين ناهي ته عوام جي خدمت به نه ڪريون ۽ ڪاميابي جي دعويٰ ڪريون، ڪراچي آپريشن دهشتگردي جي خلاف ايندڙ وقت ۾ ڪيترن ئي پارليامينٽيرين جي گرفتاري متوقع آهي، جمعي ڏينهن پارليامنيٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام پنهنجي حق جي راءِ سان مسلم ليگ (ن) جي حق ۾ درست فيصلو ڪيو، ڪشميري عوام جي اميدن تي ڪيتريون ئي ساسي پارٽيون پورو نه لهي سگهيون ان لاءِ مسلم ليگ (ن) جي اعتماد جو اظهار ڪيو، هن چيو ته هاڻي موجوده دور ۾ عوام باشعور ٿي چڪو آهي، ائين ناهي ته عوام جي خدمت به نه ڪيون ۽ پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪريون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي آپريشن دهشتگردن جي خلاف آهي جيڪو ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين جاري رهندو، ڪراچي آپريشن جي زد ۾ ايندڙ وقت ۾ ڪيترن ئي پارليامينٽرين جي گرفتاري متوقع آهي. اي پي پي/ص