اسلام آباد(پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي 70 ارب روپين جي باقيدار آهي جڏهن ته وڏن وڏن زميندارن ڏانهن به واپڊا جا ساڍا 7 ارب روپيا آهن، ڪالاباغ ڊيم، ديامر ڀاشا ڊيم ۽ ٻين ڊيمن تي سمورين سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ضروري آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ ان لاءِ وڌيڪ آهي جو اتي بجلي چوري وڌيڪ ٿيندي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت واپڊا جي 70 ارب روپين جي باقيدار آهي، هن چيو ته بجلي قومي امانت آهي پر سنڌ ۾ عوام ڪنڊا هڻي بجلي استعمال ڪندي آهي جڏهن ته سنڌ جا وڏا وڏا زميندار جيڪي ٽيوب ويل هلائي رهيا آهن 7 ارب روپين جا باقيدار آهن، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم هجي يا ديامر ڀاشا، اکوڙي ڊيم هجي سمورن ڊيمن جي تعمير جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ هموار ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڊيم بڻائي سگهجن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ارسا جا ميمبر چئني صوبن مان ورتا ويندا آهن، ارسا جي قانون موجب انهن ميمبرن جي چونڊ وفاق ڪندو آهي۽ اها چونڊ ارسا جي قانون موجب ڪئي ويندي آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:30
سنڌ حڪومت پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي 70 ارب روپين جي باقيدار آهي:عابد شير علي
8 سال پھريان