قومي سلامتي ڪميٽي پاران والاريل ڪشمير صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

قومي سلامتي ڪميٽي پاران والاريل ڪشمير صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) قومي سلامتي ڪميٽي والاريل ڪشمير ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان بي گناهه شهرين جي قتل عام جي جاچ ۽ احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪارتوسن وارين بندوقن جي استعمال تي پابندي جي لاءِ والاريل ڪشمير ۾ فيڪٽ فائيڊنگ مشن موڪلڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل سان رجوع ڪندو، جڏهن ته عالمي برادري تي زور ڏنو ويو آهي ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪري ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميري عوام جي انساني حقن کي حاصل ڪرڻ يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مقامي ڪشميري مجاهد برهان الدين مظفر واني جي شهادت کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي متفقه طور تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، اجلاس بي گناهه شهرين تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي جاري وحشياڻي ڪاررواين جي پرزور مذمت ڪئي، جيڪي ان شهادت جي واقعي جي خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، وزيراعظم والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پاران جبر ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته طاقت جو اهو وحشياڻو استعمال ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي سراسر خلاف ورزي آهي جنهن جي ڪو به مهذب معاشرو اجازت ناهي ڏيندو، هن چيو ته ڀارت جي اها دعويٰ ته والاريل ڪشمير ۾ بگڙجندڙ انساني حقن جي صورتحال ان جو داخلي معاملو آهي، حقيقت ۾ غلط، قانوني طور تي ناقابل دفاع ۽ حقيقت ۾ عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ڪشميري عوام جي جائز آزادي جي جدوجهد نسل در نسل جاري آهي، جنهن ۾ ڪشميرين بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، اسان جو اهو يقين آهي ته ڪشميري عوام جي پنهنجي حق خود اراديت جي لاءِ آواز کي دٻائي ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي قبضي کي جائز قرار نٿو ڏئي سگهي، هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو واحد ممڪن حل گڏيل قومن تحت منصفاڻي ۽ غير جانبدار راءِ جي ذريعي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي جلد عملدرآمد آهي، وزيراعظم چيو ته اسان ڄمون ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي بنيادي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت فراهم ڪئي آهي ۽ فراهم ڪندا رهنداسين. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته بي گناهه شهرين جي قتل عام جي جاچ ۽ احتجاج جو پنهنجو حق استعمال ڪندڙ ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪارتوسن وارين بندوقن جي استعمال تي پابندي لڳائڻ لاءِ پاڪستان پنهنجي طور تي ۽ ڪشمير جي باري ۾ او آءِ سي رابطا گروپ پاران ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ فيڪٽ فائيڊنگ مشن موڪلڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل سان رجوع ڪندو، اجلاس متفقه طور تي عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران انساني حقن جي انهن خلاف ورزين جي مذمت ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي تحت ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ڪيل پنهنجي واعدن جي پڄاڻي جي ذريعي ڪشميري عوام جي انساني حقن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اجلاس خاص طور جاري آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي بي مثال خدمتن ۽ قربانين کي ساراهيندي قومي سلامتي کي موثر طور تي يقيني بڻائڻ لاءِ هينئر تائين حاصل ٿيندڙ ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو، اجلاس مادر وطن مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو، اجلاس عالمي ايجنسين ۽ دشمن ملڪ جي ناپاڪ ارادن جي خلاف عسڪري ۽ سول انٽيلي جنس ادارن جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي، اجلاس پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ موثر بارڊر مينيجمينٽ سسٽم متعارف ۽ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اجلاس ۾ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ناصر جنجوعه، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون طارق فاطمي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل ذڪاءُ الله ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيلي جنس ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به اجلاس ۾ شريڪ هئا.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:17