اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد بزرگ سياستدان معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جمعي ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته معراج محمد خان هڪ جرئت مند ۽ بهادر اڳواڻ هو جنهن اسان جي سياسي تاريخ جي مشڪل دورن ۾ جمهوريت جي بالادستي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون، هو هڪ سچو محب وطن پاڪستاني هو، ملڪ جي لاءِ سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون، هن مرحوم جي بلند درجن ۽ پوئينرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م
پرويز رشيد پاران سينئر سياستدان معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جواظهار
9 سال پھريان
