وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جي اجلاس

وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جي اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) وزيراعظم محمد نواز شريف قومي سلامتي بابت معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ جمعي ڏينهن اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪئي اجلاس ۾ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ناصر جنجوعه، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون طارق فاطمي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل ذڪاءُ الله ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيلي جنس ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به اجلاس ۾ شريڪ هئا. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:58