صدر پاران سينئر سياستدان معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

صدر پاران سينئر سياستدان معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) صدر ممنون حسين سينئر سياستدان معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته معراج محمد خان نظرياتي سياستدان هو جنهن اصولن تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو، هن چيو ته سندس جمهوريت جي لاءِ خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون، صدر معراج محمد خان جي گهروارن سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ پوئينرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ڏي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:01