سپريم ڪورٽ اويس شاهه جي اغوا متعلق پوليس اختيارين جي جاچ رپورٽ رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اويس شاهه جي اغوا متعلق پوليس اختيارين جي جاچ رپورٽ رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) سپريم ڪورٽ اويس شاهه جي اغوا متعلق پوليس اختيارين جاچ رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي عدالت اعظميٰ رپورٽ کي اکين ۾ خاڪ وجهڻ جي برابر قرار ڏيندي غفلت ڪندڙ پوليس آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته عدالت رينجرز جي اختيارين جي حوالي سان ريمارڪس ڏنا ته اهو انتظاميه جو معاملو آهي اسان ان ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون خميس تي سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ جسٽس امير حاني مسلم جي اڳواڻي ۾ ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي وفاقي گهرو سيڪريٽري عارف احمد خان چيئرمين پيمرا ابصار عالم سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجه سميت ٻيا پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ آءِ جي سنڌ پاران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سجاد علي شاهه جي فرزند جسٽس اويس شاهه اغوا ڪيس تي رپورٽ پيش ڪئي ويئي رپورٽ پيش ٿيڻ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊي ايس پي رينڪ جا 24 جڏهن ته ايس ايس پي ۽ ايس پي رينڪ جي چئن آفيسرن جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويئي آهي ان ۾ ايس ايس پي فاروق احمد ايس پي اسد اعجاز ايس پي امجد حيات ۽ ايس پي طارق نواز به شامل آهن. چئني آفيسرن جي خلاف فرضن ۾ غفلت ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي چيف سيڪريٽري سنڌ صديقي ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته سول سرونٽ رول جي تحت اهي آفيسر وفاق جي ماتحت آهن انهن آفيسرن جي خلاف وڌيڪ ڪارروائي ۽ انڪوائري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڪندي. جسٽس امير حاني مسلم سنڌ پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪندي چيو ته صرف وارننگ ڏيڻ سان ڪم نه هلندو رپورٽ اکين ۾ دوڙ وجهڻ جي برابر آهي. وفاقي گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت وٽ جاچ جو اختيار آهي جسٽس امير حاني گهرو سيڪريٽري کان پڇا ڪئي ته ڇا 20 جون تي شهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرا خراب هئا جنهن تي گهرو سيڪريٽري عارف احمد خان عدالت کي ٻڌايو ته شهر ۾ لڳل ڪئميرا ٺيڪ آهن پر اهي حلقي ڪوالٽي جا سيڪريٽري ٻڌايو ته انهن ڪئمرائن تي تقريبن ٽن کان چار سئو ملين جو خرچ آيو هوندو جسٽس امير حاني ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايتري وڏي شهر ۾ ٻه ميگا فڪسلز جا ڪئميرا هڻي عوام جا 50 ڪروڙ رپيا ضايع ڪيا ويا آهن ان جو جواب ڪير ڏيندو. جديد دور ۾ ناڪاره ڪئميرا لڳائڻ جي منظوري ڪنهن ڏني. ڪوئي به ادارو پنهنجي ڪم ڪرڻ تي تيار نه آهي. جنهن تي چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته هڪ اين جي اوز جي مدد سان ڪئمرا هنيا ويا جنهن تي عدالت چيو ته ڪئميرا ڪنهن به هنيا ان جي منظوري ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ئي ڏني هوندي جيڪڏهن معاملي جي جاچ نه ڪئي ويئي ته کيس نيب ڏانهن موڪلينداسين. ان کان پوءِ عدالت اويس شاهه جي اغوا ۽ خراب سي سي ٽي وي ڪئميرائن بابت گڏيل رپورٽ طلب ڪندي اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 28 جولاءِ تائين ملتوي آهن جنهن سبب ڏوهارين جي نشاندهي نٿي ٿي سگهي چيف ڪئي ويئي.