سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چين جي واپاري وفد جي ملاقات

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چين جي واپاري وفد جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري سان خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ اڳوڻي سينيٽر حاجي غلام علي بزنس فورم جي صدر محمد رياض خٽڪ جي سربراهي ۾ چين جي واپاري وفد سان ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري کي ملاقات ۾ ٻڌايو ته چين جي ڪمپني خيبرپختونخوا صوبي ۾ پنهنجي بزنس ذريعي سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند آهي، ان تي مولانا عبدالغفور حيدري چيني ڪمپني کي ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هماليا کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هڪ سرحد آهي پر ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ڀائر آهي، ڊپٽي چيئرمين چيو ته چيني ڪمپني پاران خيبرپختونخوا صوبي ۾ واپاري سيڙپڪاري کي هو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 19:03