عدالتي فيصلن تي تنقيد سپريم ڪورٽ چيئرمين پي ٽي اي جا قابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

عدالتي فيصلن تي تنقيد سپريم ڪورٽ چيئرمين پي ٽي اي جا قابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) سپريم ڪورٽ سوشل ميڊيا تي عدليه ۽ ان جي فيصلن تي ٿيندڙ تنقيد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيئرمين پي ٽي اي جا قابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن خميس تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سوشل ميڊيا تي عدليه جي فيصلن تي تنقيد ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويئي جنهن ۾ چيئرمين پيمرا ابصار عالم پيش ٿيو عدالت چيئرمين پي ٽي اي جي غير موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان بابت پڇا ڪئي جنهن تي چيئرمين جي وڪيلن پاران عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته هو اسلام آباد ۾ ڪجهه پروگرامن ۾ مصروف آهي عدالت چيئرمين پيمرا کان پڇا ڪئي ته اهڙن ڪئميرن جي لائسنس کي معطل ڇو نه ڪيو ويو جيڪي عدالتي فيصلن تي تنقيد ڪن ٿا ابصار عالم عدالت کي جواب ڏنو ته قانون تحت جيڪا ڪارروائي ممڪن هئي اها عمل ۾ آندي ويئي آهي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيئرمين پي ٽي اي جا قابل ضمانت گرفتاي وارنٽ جاري ڪندي پوليس اختيارين کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي انهن کي ضرور پيش ڪيو وڃي.